اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

شهباز شريف خلاف آشيانه اقبال هائوسنگ ڪيس ۾ ضمني ريفرنس داخل

اسلام آباد: نيب آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ شهباز شريف سوڌو تيرنهن جوابدارن خلاف ضمني ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو. رپورٽن مطابق نيب آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ احتساب عدالت ۾ ضمني ريفرنس داخل ڪيو آهي. ريفرنس ۾ موقف ڄاڻايو ويو آهي ته شهباز شريف آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو آهي. ريفرنس ۾ شهباز شريف سميت 13 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ٻين جوابدارن ۾ بلال قدوائي، شاهد شفيق، منير ضياءَ، ڪامران ڪياني، احد چيما، چوڌري صادق ۽ شاهد محمود به شامل آهن.