اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ڪراچي ۾ روڊ تي ڪرڪيٽ کيڏڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (سوڀ نيوز) آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور جي ڪراچي ۾ روڊن تي نوجوانن سان ڪرڪيٽ کيڏندي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن کي شهر ۾ امن جي بحالي ۽ سڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي. بوم بوم جي نالي سان مشهور پاڪستاني ڪرڪيٽر شاهد آفريدي ميجر جنرل آصف غفور جي هڪ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته روشنين جي شهر ڪراچي جا رنگ واپس اچي ويا آهن، ڪراچي ۾ نوجوانن کي ڊي جي آءِ ايس پي آر سان ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسي سٺو لڳو آهي. شاهد آفريدي ڪراچي جو امن بحال ڪرڻ تي بهادر سڪيورٽي فورسز جا ٿورا مڃيندي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ترڪي ۾ هئڻ سبب کيس رات دير سان روڊ تي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. شاهد آفريدي جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ ميجر جنرل آصف غفور ٿورا مڃيندي چيو ته لالا توهان کي مس ڪيو، جيڪڏهن توهان هجو ها ته ڪو به بيٽنگ ڪرڻ نه ڏي ها. ڊي جي آءِ ايس پي آر لکيو ته ڪراچي جي نوجوانن جو جوش ڏسي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي.