اربع 20 مارچ 2019ء

ڪراچي: پوليس ڇوڪرين کي آئس نشو وڪرو ڪندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي بوٽ بيسن واري علائقي ۾ پوليس ڇوڪرين کي آئس نشو وڪرو ڪندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان 15 گرام آئيس نشو هٿ ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته ڊفينس واري علائقي ۾ ڇوڪرين کي آئس نشو وڪڻندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.