اربع 20 مارچ 2019ء

ڪيل آفريدي جي بدلي عافيه صديقي جي آزادي واريون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته شڪيل آفريدي جي بدلي عافيه صديقي جي آزادي واريون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف کي اسان شرطن ۾ لچڪ ڏيکارڻي پوندي، اسان کي گهڻيون ڏکيون حالتون مليون آهن، جڏهن اسان آياسين ته سعودي عرب سان تلخيون هلي رهيون هيون پر هاڻ سعودي حڪومت 3 ارب ڊالر پاڪستان کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته متحده عرب امارات سان به گرم جوشي نه پئي وٺي وڃي پر عمران خان يو اي اِي جو دورو ڪيو ۽ انهن جو وفد هتي آيو، ڪم جي لاءِ جاءِ ڏٺي ۽ رپورٽ پيش ڪئي، ايندڙ هڪ کان 2 مهينن ۾ يو اي اِي جو سربراهه پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو، اِهو بهترين پرڏيهي پاليسي جو ثبوت آهي. پرڏيهي معاملن جي حوالي سان آئون اِهو چئي سگهان ٿو ته تبديلي اچي ناهي رهي پر اچي وئي آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو، افغانستان گڏجي ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر اصل فيصلو اُتي جي عوام جو آهي ته ڇا هو گڏجي ويهڻ چاهي ٿي؟ آمريڪا به پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪئي آهي ۽ شرطن کان سواءِ ڳالهين جو آغاز ڪيو آهي، طالبان جي ڪجهه ماڻهن کي ماحول سازگار بڻائڻ جي لاءِ آزاد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ مسلسل ڀارتي جارحيت جاري آهي، پاڪستان ان مسئلي کي هر فورم تي کنيو، عمران خان يو اين جي سيڪريٽري جنرل سان به ڳالهيون ڪيون آهن هو ڪشميرين جي حق خود اراديت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ وادي ۾ انساني جي سنگين ڀڃڪڙين کي روڪيو وڃي، جيڪڏهن طاقت جي استعمال سان ڪاميابي حاصل ٿي ها ته ٿي چڪي هجي ها، عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته پاڪستان کي ڪرپشن کان بچايو وڃي ۽ ڪوشش اِها آهي ته مٿان کان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪيون، نواز شريف جي معاملي تي فيصلو محفوظ ٿي چڪو آهي، جج ۽ عدليه آزاد آهي اسان جي راءِ سان ڪو به اثر نه پوندو. شڪيل آفريدي جي بدلي عافيه صيقي جي آزادي جي ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ناهي. شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف فيصلو ڪري چڪي آهي ته ڏکڻ پنجاب کي الڳ صوبي جي سڃاڻپ ملڻ گهرجي، اسان جي خواهش آهي ته ڏکڻ پنجاب ترقي جي رستي ۾ اچي، هي خطو هميشه کان ترقي ۾ پوئتي رهجندو آيو آهي، ايندڙ مالي سال ۾ ڏکڻ پنجاب کي الڳ صوبو بڻائڻ جي منصوبي کي عملي شڪل ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ پهرين مرحلي ۾ هڪ سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويندو، سيڪريٽريٽ بڻائڻ جي لاءِ ماڻهن جا مسئلا انهن جي گهرن ۾ حل ٿيندا، ڏکڻ پنجاب جي لاءِ بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرامن جي لاءِ حصو رکيو ويندو.