خميس 21 مارچ 2019ء

تحريڪ انصاف ۾ به ڪرپٽ ماڻهن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين: فياض الحسن چوهاڻ

لاهور: پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته ڪرپٽ حڪمرانن پنهنجو نالو ارڙهين ۽ اڻويهين ترميم رکي ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف ۾ به ڪرپٽ ماڻهن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته مخالف پهريون پاڻ ۾ وڙهندا هئا هاڻي احتساب ڪيو پيو وڃي ته هنن ڀاڪر پاتا آهن. هن چيو ته اسان مذهبي يا وري لبرل انتها پسند آهيون، ٿيٽر کي فحاشي ۽ عرياني کان پاڪ ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ تنقيد ڪئي ويندي آهي، بسنت ملهائڻ جو اعلان ڪيون ته پوءِ به مسئلو ۽ نه ڪيون ته پوءِ به مسئلو پيدا ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته اسلام غلامي نه پر دنيا تي غالب اچڻ لاءِ آندو ويو، مسلمان ڪنهن ٽرمپ يا اوباما جي غلامي لاءِ نه آيا آهن. سندس چوڻ هو ته زندگي ۽ موت الله جي هٿن ۾ آهي، ڪلاشنڪوف کڻي هلندڙ به پنهنجي زندگي بچائي نه ٿا سگهن، منهنجو سچ چور ۽ چورن جي ساٿين کي چڀندو.