اربع 20 مارچ 2019ء

اسيمبليءَ جي اها اوقات آهي جو وڏي چور کي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽيءَ جو چيئرمين بڻائي ڇڏيو: شيخ رشيد

پشاور: ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته اسيمبليءَ جي اها اوقات آهي جو سڀ کان وڏي چور کي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽيءَ جو چيئرمين بڻائي ڇڏيو. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد ٻڌايو ته پشاور کان ڪراچي تائين نئين ٽريڪ جو معاهدو مارچ کان اڳ ڪنداسين، ريلوي ٽريڪ جو ڍانچو تبديل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، اسان وٽ وسيلا ناهن، لٽيل ڦريل ناڻو مليو آهي ۽ هاڻي 30 ارب رپين جو خسارو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته احتجاج جو رڳو ٽريلر هلندو، موسيقي به هوندي پر پڪو راڳ ڪنهن وٽ به ناهي، شهباز شريف دم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر نواز شريف لاءِ 24 تاريخ اهم آهي. هن چيو ته سزا رڳو غريب کي ملندي آهي، سياستدان ته اسپتال ويندا آهن، رمانڊ دوران پروڊڪشن آرڊر جو ڪو مثال نٿو ملي. شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻائڻ تي شيخ رشيد چيو ته عمران خان سادو سياستدان آهي، کير کي بچائڻ لاءِ ٻلي کي ويهاريو آهي، اسيمبلي جي اها اوقات آهي جو سڀ کان وڏي چور کي پي اي سي جو چيئرمين بڻائي ڇڏيو.