خميس 21 مارچ 2019ء

اسلام آباد ۾ هڪ شخص موبائيل ٽاور تي چڙهي ويو، وزيراعظم بڻائڻ جو مطالبو

اسلام آباد: اسلام آباد جي بليو ايريا ۾ هڪ شخص وزيراعظم بڻائڻ جو مطالبو ڪدني موبائل سگنل ٽاور تي چڙهي ويو. اسلام آباد جي علائقي بليو ايريا ۾ دلچسپ واقعو ٿيو جتي هڪ شخص هٿ ۾ قومي جهنڊو کڻي موبائل سگنل جي ٽاور تي چڙهي ويو ۽ هن پاڻ کي وزيراعظم بڻائڻ جو مطالبو ڪيو. ٽاور تي چڙهندڙ شخص جو تعلق سرگوڌا سان آهي ۽ سندس موقف آهي ته کيس وزيراعظم بڻايو وڃي. هن چيو ته مون کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويو ته ملڪي حالتون ٺيڪ ڪندس ۽ 6 مهينن ۾ ملڪ جو قرض لاهيندس. جنوني شخص چيو ته مان وزيراعظم عمران خان ۽ ڊي پي او سرگوڌا کانسواءِ ڪنهن سان نه ڳالهائيندس ۽ ڳالهائڻ تائين هيٺ نه ايندس. ريسڪيو اهلڪارن جنوني شخص کي لفٽر ذريعي هيٺ لاهي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.