اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران مجاهد فورس سينٽر ڀمبر جو دورو

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مجاهد فورس سينٽر ڀمبر جو دورو ڪيو ۽ فورس جي ڪنٽرول لائن تي خدمتن کي ساراهيو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مجاهد فورس سينٽر ڀمبر جو دورو ڪيو. تقريب ۾ مجاهد فورس جي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيو جتي آرمي چيف مجاهد فورس جي جوانن سان هٿ ملايو ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف مجاهد فورس جي ڪنٽرول لائن تي خدمتن کي ساراهيو ۽ ليفٽيننٽ جنرل بلال اڪبر کي ڪرنل ڪمانڊنٽ مجاهد فورس جو بيج لڳايو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گل چاڙهيا.