خميس 21 مارچ 2019ء

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فورسز پلوامه ضلعي ۾ سرچ آپريشن دوران فائرنگ ڪري ايم بي اي جي شاگرد اشفاق احمد واني کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته باندي پورا ضلعي ۾ پڻ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. اعليٰ تعليم حاصل ڪيل نوجوان جي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ شهادت تي ماڻهن جو وڏو انگ احتجاج لاءِ روڊن تي نڪري آيو جن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ قابض ڀارتي فوج طرفان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي وئي ۽ احتجاج کي روڪڻ لاءِ سموري ضلعي ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس پڻ بند ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ڪلگام ضلعي ۾ اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ آيو آهي،پر لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي جڏهن ته ضلعي گندربل مان گم ٿيل نوجوان ڇوڪري رابعا بانو ويران علائقي ۾ هڪ غيرآباد علائقي ۾ مئل حالت ۾ ملي آهي.