خميس 21 مارچ 2019ء

نه ارڙهين ترميم سان هٿ چراند ٿيندي نه سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳندو: وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نه ارڙهين ترميم سان هٿ چراند ڪئي ويندي نه سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳندو. وفاقي حڪومت طرفان آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ کانپوءِ پ پ ۽ تحريڪ انصاف ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي. ٻنهي پارٽين طرفان هڪٻئي تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پ پ کي سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، نه ارڙهين ترميم سان هٿ چراند ڪئي ويندي نه ئي سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳندو، ان جي بدلي ۾ سنڌ حڪومت رڳو اهو ڪري ته آصف زرداري جي ڪيس ۾ شفاف ٽرائل ٿيڻ ڏئي.