اربع 20 مارچ 2019ء

ڀارت کي پاڪستان جو پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين: چيف جسٽس پاڪستان

لاهور: چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته ڀارت کي پاڪستاني جو پاڻي چوري نه ڪرڻ ڏينداسين. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار راوي دراهه ۽ عباسيا لنڪ ڪينال کان پاڻي چوري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ريماڪرس ڏنا ته ڀارت ڇو اسان جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، ڀارت کي پاڪستان جو پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين، ڇا پنجاب حڪومت کي راوي درياهه کان ڀارت جي پاڻي چوري بابت خبر آهي؟، جيڪڏهن پنجاب حڪومت کي خبر آهي ته ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن. چيف جسٽس آبپاشي سيڪريٽري علي مرتضي کي چيو ته عباسيا لنڪ ڪينال مان غريب هارين جو پاڻي چوري نه ڪرڻ ڏينداسين، غريب ماڻهن جو پاڻي چوري ڪرڻ سندن رت چوسڻ جي برابر آهي. پاڻي چورن خلاف پوليس سان گڏجي آپريشن ڪريو، ڪنهن جو استحصال نه ٿيڻ ڏينداسين، پاڻي چوري ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن، اقتدار ۾ موجود ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيو ته اها منهنجي تنبيهه آهي. سپريم ڪورٽ آبپاشي سيڪريٽري کان 4 جنوري تي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.