خميس 21 مارچ 2019ء

جيڪو قافلي ۾ نه رهندو اهو چوڌري نثار بڻجي ويندو: احسن اقبال

نارووال: مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته مسلم ليگ ن مان ڪو قدم ٻاهر ڪڍندو ته چوڌري نثار بڻجي ويندو. نارووال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته جنهن ن ليگ کي آمر نه ٽوڙي سگهيو تنهن کي اڄ ڪير مٽائيندو. هن چيو ته مسلم ليگ ن ۾ ڪو ڏار نه ٿو وجهي سگهي، فولاد سان جيڪو ٽڪرائيندو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو، مسلم ليگ ن فولاد بڻجي چڪي آهي جنهن کي ڪٽڻ وارو ڪو ڪٽر ناهي. هن چيو ته ن ليگ جي حڪومت چوڌري نثار جي ڳالهه نه مڃڻ سبب ختم نه ٿي آهي، قافلي مان ڪو قدم ٻاهر ڪڍندو ته چوڌري نثار بڻجي ويندو. سندس چوڻ هو ته ڪيترو به وڏو پهلوان هجي ن ليگ ڪارڪن کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا. احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ ن کي ڊرائنگ روم مان ڍي پاڪستان جي پارٽي بڻائي، آمرن کي خبر هئي ته پاڪستان کي مسلم ليگ کانسواءِ نه ٿو هلائي سگهي، آمرن مسلم ليگ کي پنهنجي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو سمجهو. هن چيو ته مسلم ليگ ڪمزور ٿي ته ملڪ 2 ٽڪرار ٿي ويو، 1971ع سانحي ان جو ثبوت آهي، چونڊ درست ٿي ها ته ن ليگ حڪومت کي ڪو روڪي نه سگهي ها.