خميس 21 مارچ 2019ء

سنڌ جي سياست ۾ هلچل: تحريڪ انصاف رابطا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا

ڪراچي: وزير اعظم عمران خان سنڌ جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار کانپوءِ صوبي ۾ سياسي هلچل ۾ تيزي اچي وئي آهي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن رابطا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ ۾ گورنر راڄ يا ان هائوس تبديلي جي افواهون کانپوءِ تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن طرفان هڪٻئي کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ وفاقي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري به سڀاڻي ڪراچي پهچندو ۽ پنهنجي اتحادين ۽ هم خيال ماڻهن سان ملندو.