اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

نئين سال جي استقبال لاءِ تياريون مڪمل

حيدرآباد: سال 2018ع ڪيتريون ئي يادون ۽ تلخيون کڻي اڄ ماضي جو قصو بڻجي ويندو جڏهن ته پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ نئين سال جي استقبال جون تياريون ڪيون پيون وڃن. گهڙي تي رات 12 وڄندي ئي سال 2019 جو استقبال آتش بازي ۽ برقي روشنين سان ڪيو ويندو. نئين سال جي جشن جي شروعات سڀ کان اڳ نيوزيلينڊ کان ٿيندي جنهن جي شهر آڪلينڊ جي مشهور سٽي ٽاور واري جاءِ تي هزارين ماڻهو جمع ٿيندا ۽ آسمان جي ڇهندڙ آتشبازي جو مظاهرو ڪندا. جاپان ۾ نئين سال کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ مختلف مندرن ۾ پنهنجي روايتن موجب رسمون ادا ڪيون پيون وڃن جڏهن ته آمريڪي شهر نيويارڪ جي ٽائمز اسڪوائر تي اڍائي هزار کان وڌيڪ ايل اي ڊي لائٽن سان ٺهيل ڪرسٽل بال جي رونمائي واري تقريب ۾ لکين ماڻهو شرڪت ڪندا. ڪراچي ۾ نئين سال جي جشن لاءِ سي ويو تي وڃڻ ۽ سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ منچلن کي سي ويو طرف وڃڻ جي اجازت نه هوندي.