اربع 20 مارچ 2019ء

حيدرآباد: مبينا زهريلي چپس کائڻ سبب 4 سال جو ٻارڙو فوت، سندس ڀيڻ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل

حيدرآباد شهر جي علائقي چاندني ۾ هڪ فوڊ پوائنٽ مان مبينا طور خراب چپس کائڻ تي هڪ چار سال جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته ان جي ڀيڻ علاج هيٺ اسپتال ۾ آهي، پوليس مطابق آچر جي رات حيدرآباد جي علائقي چاندني ۾ هڪ فوڊ پوائنٽ تان چيپس خريد ڪري کائڻ سبب چار سال جو همايون سندس ڀيڻ عليزه جي حالت خراب ٿي پئي، جنهن مان نينگر فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀيڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جيڪا حيدرآباد جي مقامي اسپتال ۾ داخل آهي.