اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ، عورت شهيد، 9 شهري زخمي

راولپنڊي: ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول جي ڪيرن سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت شهيد ٿي وئي ۽ 9 شهري زخمي ٿي پيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب مظفر آباد ويجهو لائن آف ڪنٽرول جي ڪيرن سيڪٽر تي ڀارتي فوج طرفان شهري آباديءَ کي هڪ دفعو ٻيهر نشانو بڻايو ويو. ڀارتي فوج بنا جواز فائرنگ ۽ گولا باري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت شهيد ٿي وئي جنهن جي سڃاڻپ آسيه بي بي جي نالي سان ڪئي وئي. ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 9 شهري زخمي به ٿيا، جن ۾ 3 ٻار ۽ 2 عورتون پڻ شامل آهن، جن کي فوري طور ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي وزيراعظم آزاد ڪشمير راجا فاروق حيدر ڪيرن سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شهري آبادي تي فائرنگ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارتي فوج شهرين کي نشانو بڻائي رهي آهي. هن چيو ته شهري آبادي تي فائرنگ بزدلاڻي ڪارروائي ڪئي آهي، اهڙي قسم جا واقعا حوصلا پست نه ٿا ڪري سگهن، ڀارتي فوج جي خواهش آهي ته سويلين آبادي ايل او سي تان پوئتي هٽي وڃي.