اربع 20 مارچ 2019ء

نه ڊيم ٺهيو، زلزلي متاثرين جي امداد نه ٿي ته انهن سان گڏجي احتجاج ڪندس: چيف جسٽس پاڪستان

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته ڊيم نه ٺهيو ۽ متاثرن جو مسئلو حل نه ٿيو ته ماڻهن سان گڏجي ويهي احتجاج ڪندس. نجي ٽي وي مطابق سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار زلزلي متاثرن جي امداد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته تباهه ٿيل ماڻهن جي امداد سموري دنيا مان ورتي وئي، ڏيندڙ هٿ ٿورڙي ئي وقت ۾ وٺندڙ بڻجي ويا، متاثرن تي ايٽم بم نه ڪريو هو، قدرتي آفت آئي، امدادي رقم حڪومت وٽ امانت هئي پر حڪومت متاثرن جي امانت ۾ خيانت ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته مان چئن ڪلاڪن جو سفر ڪري وڃي سگهان ٿو ته وزيراعظم ڇو نه ٿو وڃي؟ ٽين جي ڇتن ۾ اڄ سردي سبب رهڻ ممڪن ناهي، متاثر علائقن ۾ اسڪول ۽ اسپتالون به نه آهن، وزيراعظم کي سيشن جج جي رپورٽ موڪلي پر ڪجهه نه ٿيو، وفاقي ڪابينا پاڻ ويهي معاملي کي ڏسي، چاهيون ٿا ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ڊيم نه ٺهيو ۽ متاثرن جو حل نه ٿيو ته ماڻهن سان گڏجي ويهي احتجاج ڪندس. درخواست گذار ٻڌڻي دوران چيو ته وزيراعظم پاڻ شوگران ويو پر بالاڪوٽ متاثرن وٽ نه ويو، وزيراعظم جي دل ۾ درد هجي ها ته متاثرن وٽ اچي ها، اسان جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ ملتان منتقل ٿيل امدادي رقم واپس ڪئي وڃي. ڊي جي ايرا چيو ته 10 هزار منصوبا مڪمل ڪيا. ان تي چيف جسٽس چيو ته ڪو هڪ غسل خانو به بڻايو آهي ته ٻڌايو وڃي، ڪي پي ڪي حڪومت پاڻ تي گهڻو فخر ڪري ٿي پر ڪي پي ڪي حڪومت متاثرن لاءِ ڪجهه نه ڪيو، سرد موسم ۾ برفباري ۾ ماڻهو رهي رهيا آهن، متاثرن جي بحالي جو حڪم ڏيڻ اختيار اورانگهڻ آهي، زمين جو تڪرار به منهنجي دور ۾ حل ٿيو، مون تي الزام هنيو پيو وڃي ته جوڊيشل ايڪٽوسٽ آهيان. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته متاثرن جو پئسو ميٽرو ۽ بي آءِ ايس پي منصوبن تي خرچ ٿيو، روڊ ٺهيو ناهي، اسڪول ۽ اسپتال به نه ٺهيون آهن، هي منصوبا زمين هيٺ ٺاهيا ويا آهن. اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم کي معاملي جي خبر نه هئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جنهن صوبي سڀ کان وڌيڪ پيار ڪيو تنهن جي ئي وزيراعظم کي خبر ناهي، اسان کي وزيراعظم جو جواب گهرجي. عدالت ايرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل عمر حيات کي طلب ڪندي مڪمل ٿيل منصوبن جي تفصيلن سميت بي ايس پي ۽ ميٽرو منصوبن لاءِ امدادي رقم منتقل ڪرڻ جا به تفصيل طلب ڪري ورتا، جڏهن ته فنڊن جي فراهمي جي تفصيلن کان به آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت رمارڪس ڏنا ته حڪومت ٻڌائي ته متاثرن لاءِ ڪيتري امداد آئي ۽ ڪيڏانهن وئي؟ آگاهه ڪيو وڃي ته حڪومت جو متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڇا منصوبو آهي؟