خميس 21 مارچ 2019ء

ليجنڊ اداڪار قادر خان ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي: ڀارتي ميڊيا مطابق قادر خان ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي پٽ سان گڏ ڪينيڊا ۾ رهائش پذير هو، شديد علالت جي سبب قادر خان ڳالهائڻ به بند ڪري ڇڏيو هو، قادر خان کي ساهه کڻڻ ۾ به تڪليف ٿي رهي هئي، جنهن کانپوءِ هو ڪينيڊا جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ۽ ان کي وينٽي ليٽر تي رکيو ويو هو، جڏهن ته هو صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ 81 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.