اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

نيب خلاف منظم۽ جارحاڻي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي: چيئرمين جاويد اقبال

اسلام آباد: نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته پلي بارگين تي ڏاڍا ماڻهو تنقيد ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن پلي بارگين نه ٿئي ته جيڪا رقم اڄ تائين ريڪور ڪئي وئي اُها پاڪستان جو ڪو به ادارو واپس نٿو آڻي سگهي. نيب هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته بدعنواني، بدعنوان عنصرن سمورين براين جي پاڙ ۽ ملڪي ترقي جي رستي ۾ وڏي رنڊڪ آهن، ڪرپشن جو خاتمو نيب جي پهرين ترجيح آهي. جاويد اقبال چيو ته نيب جي موجوده قيادت ميگا ڪرپشن ڪيسن کي المارين مان ڪڍيو، انهن ڪيسن کي ميرٽ ۽ قانون جي موجب منطقي انجام تائين پهچائينداسين. قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جو چوڻ هو ته نيب جي خلاف منظم ۽ جارحاڻي پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي، نيب تي تنقيد ڪندڙن کي آئين ۽ قانون ۽ نيب لا جو علم ئي ناهي، سپريم ڪورٽ ان قانون جي سمورن جزن جو جائزو وٺي چڪي آهي، سپريم ڪورٽ نيب قانون کي نه غير آئيني چيو ۽ نه ئي ڊريڪونين لا چيو. جسٽس (ر) جاويد اقبال وڌيڪ چيو ته پلي بارگين تي ڏاڍا ماڻهو تنقيد ڪندا آهن جيڪڏهن پلي بار گين نه ٿئي ته جيڪا رقم اڄ تائين ريڪور ڪئي وئي آهي اُها پاڪستان جو ڪو به ادارو واپس نه پئي آڻي سگهيو.