خميس 21 مارچ 2019ء

پاڪ فوج ڀارتي جاسوس ڊرون ڪيرائي ڇڏيو

راولپنڊي: پاڪ فوج ڀارتي جاسوس ڊرون کي ڪيرائي ڇڏيو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته پاڪ فوج ڀارتي جاسوس ڊرون کي ڪيرائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارتي ڊرون لائن آف ڪنٽرول ايل او سي ڀرسان باغ سيڪٽر ۾ ڪيرايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن ڀارتي ڊرون کي به لائن آف ڪنٽرول پار ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.