اربع 20 مارچ 2019ء

وزيراعظم عمران خان جو استاد ميجر جيفري ڊوگلس لينگ لينڊز 101 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جو استاد ميجر جيفري ڊوگلس لينگ لينڊز 101 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ايچي سن ڪاليج جو اڳوڻو استاد ميجر جيفري ڊوگلس لينگ لينڊز آڪٽوبر 1917ع ۾ پيدا ٿيو هو، هن 101 ورهين جي ڄمار حاصل ڪئي. ميجر جيفري ڊوگلس 25 سالن تائين ايچي سن ڪاليج ۾ علمي شعبي سان لاڳاپيل رهيو ۽ هن ڪڏهن پاڪستان کي نه ڇڏيو. پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو ميجر جيفري کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ عظيم استاد ۽ انسان کان محروم ٿي ويو.