اربع 20 مارچ 2019ء

نيب ايگزيڪٽو بورڊ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو ( نيب ) جي ايگزيڪٽو بورڊ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرنامي موجب ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس دوران 20 انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي خلاف جاچ جي منظوري پيٽروليم جي اڳوڻي وفاقي وزير طور ڏني وئي آهي. نيب اڳوڻي سيڪريٽري پيٽروليم ارشد مرزا، اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او شيخ عمران الحق، دپٽي ايم ڊي پي ايس او يعقوب ستار ۽ بئنڪ آف پنجاب جي سي اي او نعيم الدين خان خلاف به جاچ جي منظور ڏني.پڌرنامي موجب جن ماڻهن خلاف ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس دوران انڪوائرين جي منظوري ڏني انهن ۾ قومي اسمبلي جي اڳوڻي ميمبر ميان امتياز، ميان ابراهيم، ميان اعجاز عامر، چوڌري محمد منير، ڄام خان شورو، زاهد علي ڀرڳڙي، سهيل انور سيال جا نالا شامل آهن. نيب طرفان عبدالجبار خان، امان الله سيال، علي عثمان ۽ ٻين خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي.