اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

ڪنهن جي پيءُ جو نوڪر ناهيان جو هر ڪنهن کي جواب ڏيان: وفاقي وزير فيصل واوڊا

اسلام آباد: آبي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا طرفان پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي کي سخت جواب ڏيڻ تي صحافين پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. پريس ڪانفرنس دوران فيصل واوڊا مهمند ڊيم جي پيڙهه جي پٿر ۽ ٺيڪي جي معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران سوال جواب جي سيشن ۾ انگريزي اخبار جي هڪ سينيئر صحافي خليق ڪياني فيصل واوڊا کان پي اي سي جي چيئرمين شهباز شريف تي تنقيد جي حوالي سان سوال ڪيو. جنهن تي فيصل واوڊا جواب ڏنو ته مان اوهان جو مائيڪ کڻي سائيڊ تي رکي ڇڏيندس، اوهان جهڙي بزرگ صحافي کان اهڙي طرح جي سوال جي اميد نه پئي ڪيم. وفاقي وزير جي ان سخت رويي تي سمورين صحافين سندس پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. فيصل واوڊا پنهنجي رويي تي معذرت به ڪئي، جڏهن ته صحافين جو احتجاج جاري رهيو، جنهن سبب وفاقي وزير پريس ڪانفرنس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو. ان کان اڳ آبي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو هو ته مهمند ڊيم جي پيڙهه جو پٿر 13 جنوري تي وزيراعظم عمران خان رکندو. فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته مهمند ڊيم وقت کان اڳ شروع ٿي رهي آهي ۽ ان کي وقت کان اڳ ختم ڪنداسين.