اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

پاڪ فوج هڪ ٻيو ڀارتي جاسوس ڊرون تباهه ڪري ڇڏيو

راولپنڊي: پاڪ فوج جي جوانن لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت جو هڪ ٻيو جاسوس ڊرون تباهه ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر آصف غفور سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ڀارتي جاسوس ڊرون لائن آف ڪنٽرول ستوال سيڪٽر ۾ تباهه ڪيو ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به پاڪ فوج ڀارتي جاسوس ڊرون لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) ڀرسان باغ سيڪٽر ۾ تباهه ڪيو هو.