خميس 21 مارچ 2019ء

وزير اعظم عمران خان جي ترڪ صدر رجيب طيب اردگان سان ملاقات، عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

انقرا: وزيراعظم عمران خان ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفن ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات لاءِ صدارتي محل پهتو جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان اڳ وزيراعظم انقرا ۾ ترڪ بزنس ڪميونٽي کي خطاب به ڪيو جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته پاڪستان 1960ع ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشت ۾ شامل هو، 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ملائيشيا ۽ ڏکڻ ڪوريا لاءِ رول ماڊل هو جڏهن ته 60ع کانپوءِ منافعو ڪمائيندڙن کي برو سمجهيو ويو جنهن سان معيشت کي نقصان ٿيو، نيشنلائزيشن جي پاليسي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو.