خميس 21 مارچ 2019ء

حڪومت ۽ مسلم ليگ (ن) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: حڪومت ۽ مسلم ليگ ن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا ظفر الحق جي چيمبر ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قائد ايوان شبلي فراز، مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا ظفر الحق وچ ۾ ملاقات ٿي. ان موقعي تي پارلياماني بزنس سميت سينيٽ جي التوا هيٺ معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران حڪومت ۽ مسلم ليگ ن طرفان صادق سنجراڻي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. راجا ظفر الحق خاطري ڪرائي ته سينيٽ چيئرمين جي تبديلي جي خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي.