اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون سمورا اڪائونٽ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بحريا ٽائون جي گڏيل درخواست منظور ڪندي بحريا ٽائون ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جا اڪائونٽس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ بحريا ٽائون پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت بحريا ٽائون جا منجمد ڪيل سمورا اڪائونٽ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هو چاهي ٿو ته بحريا ٽائون جو نالو تبديل ڪيو وڃي، بحريا جو نالو گهڻو استعمال ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جا اڪائونٽس به بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت قرار ڏنو ته اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم رڳو مخصوص اڪائونٽس تائين هو ۽ اهو به رڳو اڪائونٽس جي نگراني جي حد تائين هو.