اربع 20 مارچ 2019ء

فيسن ۾ گهٽتائي جو حڪم پوري ملڪ جي اسڪولن لاءِ آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار واضح ڪيو آهي ته فيسن جي گهٽتائي جو حڪم صرف ڪجهه اسڪول نه پر پوري ملڪ لاءِ آهي، سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته فيسن ۾ گهٽتائي جو حڪم صرف 22 يا27 اسڪولن لاءِ نه هو پر حڪومت پوري ملڪ جي 5 هزار کان وڌيڪ فيس وٺندڙ سمورن اسڪولن تي لاڳو آهي.