خميس 21 مارچ 2019ء

سينيئر صحافي خالد کوکر جو والد عسيٰ کوکر لاڏاڻو ڪري ويو، سوڀ ميڊيا گروپ طرفان ڏک جو اظهار

حيدرآباد: پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي نائب صدر خالد کوکر جو والد عيسيٰ کوکر لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سينيئر صحافين خالد کوکر ۽ زاهد کوکر جو والد عيسيٰ کوکر بيمار رهڻ کانپوءِ اڄ حيدرآباد جي حلال احمر اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. مرحوم جي تدفين سڀاڻي ڳوٺ باداڻي لڳ ڀان سيد آباد ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ ڪئي ويندي. عيسيٰ کوکر جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس پٽن سينيئر صحافي خالد کوکر، زاهد کوکر، طارق کوکر، راشد کوکر ۽ ساجد کوکر سان مختلف صحافتي، سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن پاران ڏک جو اظهار ڪيو آهي.