اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

نواز شريف جي العزيزيه ريفرنس ۾ سزا معطلي جي درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. نواز شريف جي وڪيلن درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري العزيزيه ريفرنس ۾ سزا معطلي جي درخواست ٻيهر داخل ڪئي وئي آهي. درخواست نواز شريف جي وڪيل منور اقبال دگل طرفان داخل ڪئي وئي. ذريعن موجب درخواست سومر ڏهاڙي ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته اپيل تي فيصلي تائين احتساب عدالت طرفان ٻڌايل سزا معطل ڪئي وڃي ۽ نواز شريف جي ضمانت تي آزادي جا حڪم جاري ڪيا وڃن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم جي درخواست کي سومر ڏهاڙي 7 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل 2 رڪني ڊويزن بئنچ اڳوڻي وزيراعظم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.