اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

پيراگون هائوسنگ ڪيس: خواجه ڀائر وڌيڪ 14 ڏينهن جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور: احتساب عدالت پيرا گون هائوسنگ سوسائٽي ڪيس ۾ گرفتار خواجه سعد ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ خواجه ڀائرن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي ان سلسلي ۾ نيب خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته هاڻي ڪيترن ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته 32 ماڻهن کي اڪائونٽس جي جاچ لاءِ طلب ڪيو آهي. عدالت وڌيڪ پڇاڻو ڪيو ته پيرا گون هائوسنگ سوسائٽي ۾ سعد رفيق جو ڪو هٿ آهي. نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان پهرين ڏينهن کان خواجه ڀائرن جي ملوث هئڻ جا ثبوت عدالت کي ڏئي رهيا آهيون. نيب پراسيڪيوٽر خواجه ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست ڪئي جنهن تي جوابدارن جي وڪيل مخالفت ڪئي پر عدالت دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويو. عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي درخواست منظور ڪندي خواجه ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي جڏهن ته ٻنهي ڀائرن کي 19 جنوري تي ٻيهر پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي.