اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

وفاقي وزير شيخ رشيد ريلوي پوليس جون پگهارون پنجاب پوليس جي برابر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: ريلوي واري وزير شيخ رشيد ريلوي پوليس جي پگهار پنجاب پوليس برابر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو ته ريلوي پوليس جي پگهار پنجاب پوليس برابر ڪرڻ جي سمري زباني طور منظور ڪئي آهي. هن چيو ته 6 مهينن اندر 2 وي آءِ پي ٽرينون هلايون وينديون، هلندڙ مهيني جڏهن وزيراعظم وٽ وقت هوندو ته ٽرينن کي ٽريڪٽر لڳائڻ جو افتتاح ڪيو ويندو جڏهن ته ريلوي جو ايف ايم ريڊيو به شروع ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته عدالت ريلوي جي زمين ليز تي ڏيڻ تان پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ پنج سال لاءِ ليز ڏيڻ جي اجازت آهي. شيخ رشيد چيو ته رائل پام کان ريلوي جا 3 ارب رپيه حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.