خميس 21 مارچ 2019ء

ڀارت ۾ مذهب جي نالي تي نفرت جون ڀتيون کنيون پيون وڃن، معصومن جو قتل ٿي رهيو آهي: نصر الدين شاهه

ممبئي: ڀارتي اداڪار نصر الدين شاهه جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ مذهب جي نالي تي نفرتن کي اڀاريو پيو وڃي، معصومن ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي، پوري ملڪ ۾ نفرت ۽ ظلم جو خوف نچي رهيو آهي ۽ انهن سڀني خلاف آواز اٿاريندڙن جي آفيسن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، انهن جا لائيسنس رد ڪيا پيا وڃن، بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪري خاموش ڪيو پيو وڃي ته جيئن هو سچ ڳالهائڻ روڪجي وڃن.