اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

پشاور جي علائقي صدر ۾ ۾ ڌماڪو،ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي

پشاور: صدر ۾ ڪالا باڙي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب پشاور جي علائقي صدر ۾ ڪالا باڙي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب ڌماڪي سبب ڪيترن ئي دڪانن کي نقصان پهتو جڏهن ته ڪيتريون ئي گاڏيون به تباهه ٿي ويون آهن. واقعي جو اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ورتو اهي جڏهن ته پوليس، ريسڪيو اهلڪار ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ واقعي واري جاءِ تي پهچي ويا. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جن ۾ ٻه عورتون به شامل آهن، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي سڃاڻپ ابراهيم ولد بدي گل، محمد فاروق ولد دين محمد، رحمت گل ولد بادام، عمير ولد پرويز، مختيارا بي بي ولد جميل ۽ رابعا ولد فرانسس جي نالي سان ٿي آهي. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن کي ايل آر ايڇ منتقل ڪيو يوو جڏهن ته ٽن کي ڪينٽ جنرل اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي، سمورن زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. شروعاتي اطلاعن موجب گاڏي ويجهو ڌماڪوي ٿيو آهي جڏهن ته ڌماڪي ۾ بارودي مواد استعمال ٿيو آهي. ايس پي ڪينٽ وسيم رياض موجب ڌماڪي جي نوعيت جي باري ۾ اڃان ڪجهه نه ٿو ٻڌائي سگهجي جڏهن ته بي ڊي يو ٽيم شاهديون گڏ ڪري رهي آهي.