خميس 21 مارچ 2019ء

سينيئر صحافي خالد کوکر جو والد سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

ڀان سيد آباد: سينيئر صحافي خالد کوکر، سينيئر اينڪرپرسن زاهد کوکر، طارق کوکر، صحافي راشد کوکر ۽ ساجد کوکر جي والد ۽ ڀان سيدآباد جي صحافي ۽ پريس ڪلب ڀان سيد آباد جي اڳوڻي صدر مظفر کوکر جي سهري مرحوم محمد عيسيٰ کوکر جي جنازي نماز ڳوٺ باداڻي ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون، لالا اسد پٺاڻ، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي صدر جئه پرڪاش، رئوف چانڊيو، ناز سهتو، اشوڪ ڪمار، زاهد ڪلهوڙو، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو، سماجي اڳواڻ موندر خان ٻرڙو، سردار حاجي خير محمد کوکر، سردار آفتاب احمد کوکر، نياز علي کوکر، اعجاز علي کوکر، حيدرآباد پريس ڪلب جو اڳوڻو خزانچي اعجاز لغاري، سينيئر صحافي نظام مگسي، غلام حسين خاصخيلي، اڪبر درس، جاني خاصخيلي، فهيم ٻٻر، ظفر لاشاري، رميش ڪمار، غلام سروس کوکر، پرديپ ڪمار، عامر علي کوکر، عاقب علي کوکر، آن لائن انڊس نيوز جو ايڊمن اسلم چانڊيو، علي مراد چانڊيو آصف علي ميمڻ، سيوهڻ پريس ڪلب جي صدر ڪي ڪي بڙدي، حيدرآباد جي صحافي ظفر هڪڙو سميت سوين معززين، علائقي واسين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، صحافين شرڪت ڪئي. جنازي نماز کانپوءِ مرحوم محمد عيسيٰ کوکر جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ڳوٺ باداڻي ۾ نامياري صحافي خالد کوکر، زاهد کوکر، راشد کوکر ۽ مظفر کوکر سان تعزيتن جو سلسلو جاري آهي.