خميس 21 مارچ 2019ء

گڏيل عرب امارتن جو ولي عهد شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي مختصر دوري کان پوءِ وطن واپس روانو

اسلام آباد: گڏيل عرب امارتن جو ولي عهد شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي مختصر دوري کانپوءِ واپس روانو ٿي ويو. مختصر دوري دوران هن وزيراعظم عمران خان سان ون آن ون ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ۽ شيخ محمد جي سربراهي ۾ يو اي اِي ۽ پاڪستان وچ ۾ وفد جي سطح تي پڻ ڳالهيون ٿيون. شيخ محمد بن زيد النهيان نور خان ايئر بس کان واپس روانو ٿيو، جتي وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين کيس الوداع ڪيو، جڏهن ته معزز مهمان کي پرنسپل انفارميشن آفيسر ميان جهانگير دوري جو البم به پيش ڪيو.