اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

پنجاب حڪومت جي نااهلي کي لکت ۾ حڪم جو حصو بڻائي رهيا آهيون: چيف جسٽس پاڪستان

لاهور: چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار پي ڪي ايل آءِ ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا ته پنجاب حڪومت جي نااهلي کي لکت ۾ حڪم جو حصو بڻائي رهيا آهيون. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ پاڪستان ڪڊني اينڊ ٽرانسپلانٽ انسٽيٽيوٽ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ پنجاب حڪومت، صحت کاي ۽ صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسين راشد تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت 22 ارب لڳائي ڇڏيا پوءِ به اها اسپتال پرائيويٽ ماڻهن کي هلي وئي، پر اها واپس اچڻ گهرجي. چيف جسٽس سوال ڪيو هت پي ڪي ايل آءِ بابت قانونسازي جو ڇا بڻيو؟، صوبائي وزير صحت ياسمين راشد جواب ڏنو ته قانونسازي لاءِ مسودو قانون واري کاتي کي موڪليو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته گذريل ٻڌڻي تي به اوهان طرفان اهو ئي چيو ويو هو اوهان نه ٿا چاهيو ته سپريم ڪورٽ پنجاب حڪومت جي مدد ڪري، اهو ٻڌايو ته جگر جي پيوندڪاري جي آڦريشن جو ڇا بڻيو؟. ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته چيف جسٽس صاحب فڪر نه ڪريو، ان تي به ڪم ڪري رهيا آهيون، ته چيف جسٽس پاڪستان چيو ته اها فڪر اوهان کي ڪرڻي آهي بي بي، پر اوهان ڪجهه نه پيا ڪريو هر ٻڌڻي تي اوهان ۽ پنجاب حڪومت زباني جمع خرچ ڪري اچي ويندا آهيو، ان ڪيس ۾ اوهان هر ٻڌڻي تي بهانو بڻائي رهيون آهن. چيف جسٽس چيو ته اسان اهو معاملو ختم ڪري ڇڏيون ٿا ڇو ته پنجاب حڪومت ۾ ايتري اهلڪيت ناهي، پنجاب ۾ نااهلي ۽ نڪمو پڻ پنهنجي انتها تي پهچي چڪو آهي اها نااهلي ئي آهي جو پنجاب حڪومت کان معاملا نه پيا هلن، اوهان کي پهريون آپريشن ڪرڻ لاءِ حتمي تاريخ ڏيڻي هئي پر اڄ به اوهان بهانا بڻائي رهيا آهيون، اوهان جي ڪارڪردگي صرف ڳالهين تائين آهي ۽ ڪجهه ناهي.