اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

هڪ انچ به سرڪاري زمين تي قبضو رهڻ نه ڏينداسين: وفاقي مملڪيت وزير شهريار آفريدي

اسلام آباد: وفاقي مملڪيت وزير شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته هڪ انچ به سرڪاري زمين تي قبضو رهڻ نه ڏينداسين، شهريار آفريدي چيو ته قائد اعظم يونيورسٽي کي 200 مان 140 ڪنال اراضي قبضي مان ڇڏائي وئي آهي، باقي اراضي به هر قيمت تي واپس ڪرائيندا، بااثرن ماڻهن جي دٻاءُ باوجود آپريش ٿيو آهي، جنهن قبضا مافيا جو ساٿ ڏنو انهن سڀني جو احتساب ٿيندو، اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي، جنهن کي ڪو مسئلو آهي ته اهو عدالت سان رجوع ڪري.