اربع 20 مارچ 2019ء

لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ، هڪ شهري شهيد

راولپنڊي: لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ سبب هڪ شهري شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول تي برگسار سيڪٽر واري جاءِ تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شهري محمد عظيم شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڀارتي فوج ايل او سي تي شهري آبادي کي نشانو بڻايو جنهن ۾ فائرنگ سبب هڪ عورت به زخمي ٿي. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج جي مڇر تي پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته لائن تي ڀارت سيز فائي معاهدي جون ڀڃڪڙيون وڌائي ڇڏيون آهن.