خميس 21 مارچ 2019ء

سنڌ ڪابينا گريڊ هڪ کان 15 تائين خالي جاين تي ڀرتين جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا صوبي ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين خالي جڳهين تي ڀرتين جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزير اعليٰ سنڌ جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ موجوده الائٽمينٽ پاليسي تي غور ڪيو ويو ۽ ان دوران ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 5 سيڪڙو هائوس رينٽ سرڪاري ملازمن جي پگهار مان ڪٽيو وڃي ٿو ۽ صوبي ۾ 5 هزار سيڪريٽريٽ ملازم رهائش گهري رهيا آهن.