اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

لائن آف ڪنٽرول تي بنا سبب فائرنگ: ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب

اسلام آباد: لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ شهري جي شهادت تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب سائوٿ ايشيا ۽ سارڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد فيصل لائن آف ڪنٽرول تي فائربندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ فائرنگ ۾ شهري جي شهادت تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ترجمان موجب ڊاڪٽر فيصل احتجاجي مراسلا به ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪيا.