خميس 21 مارچ 2019ء

ايون فيلڊ ريفرنس: نواز شريف جي سزا معطلي خلاف نيب جي درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف ايون فيلڊ ريفرنس فيصلي تي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ 14 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي، بئنچ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا، جسٽس گلزار، جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس مظهر عالم شامل آهن.