اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

وفاقي ڪابينا 20 ماڻهن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ بابت گھرو وزارت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي ڪابينا 20 ماڻهن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ بابت گھرو وزير جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي جي سفارشن تي 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا هئا، قانون واري وزارت ٻڌايو آهي ته جعلي اڪائونٽس ڪيس بابت سپريم ڪورٽ طرفان تفصيلي فيصلو ناهي مليو، اسان کي جيئن ئي فيصلو مليو ته ان موجب معاملا ڏسنداسين. هن ٻڌايو ته هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا اي سي ايل ۾ شامل نالن جو جائزو وٺندي، ڪميٽي مملڪتي وزير گھرو شهريار آفريدي، قانون واري وزير فروغ نسيم، وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ گھرو سيڪريٽري تي ٻڌل هوندي، جيڪا پنهنجون سفارشون ڪابينا کي موڪليندي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ڪابينا فيصلو ڪندي ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ گھرجي يا نه وڃڻ گھرجي، حڪومت طرفان جيڪي پاليسيون لاڳو ڪيون ويون هيون، انهن جا فائدا ملڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن تي ڪابينا اطمينان جو اظهار ڪيو. فواد چوڌري چيو ته ايڪسپورٽ ۾ واڌ شروعات کان ئي حڪومت جي پهرين ترجيح ۾ شامل رهي آهي ۽ ڊسمبر جي مهيني ۾ ايڪسپورٽ ۾ 4.5 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته امپورٽ ۾ 8.5 سيڪڙو گھٽتائي به ٿي آهي، ملڪ جي واپاري خساري ۾ هڪ مهيني دوران 54 ڪروڙ اندازن 19 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عمران خان قانون واري وزارت کي هدايت جاري ڪئي آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين بابت اهڙين ملازمتن بابت آگاهه ڪيو وڃي، جيڪي بنا ڪنهن قانوني رنڊڪ جي ڪري سگھجن ٿيون ته جيئن کين پاڪستان ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته عمران خان هن وقت وزيراعظم هائوس ۾ نٿو رهي، پوءِ به ان جي بجلي جو بل ايترو ئي اچي رهيو آهي، جيڪو نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ايندو هو، جنهن سبب وزيراعظم ان معاملي تي انٽرنل آڊٽ جو حڪم ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي وزيرن جنهن جنهن شئي ۾ هٿ وڌو، اهي نقصان ۾ ئي آهن، جڏهن ته پاڻ کي گئس جو آئنسٽائن سمجهندڙ شاهد خاقان عباسي گيس سيڪٽر کي اربين رپين جو قرضي ڇڏيو آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران وزيراعظم پيٽروليم واري وزارت کي گئس جي گڏيل پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڇو جو ملڪ جي گھڻي آبادي گئس کا محروم آهي. ان موقعي تي منصوبابندي واري وفاقي وزير خسرو بختار چيو ته اپوزيشن مهانگائي جي حوالي سان واويلا ڪري رهي آهي، جيڪا بي بنياد آهي. هن پنهنجي ڳالهه جي وضاحت پيش ڪندي چيو ته گذريل ٽن حڪومتي دورن جي شروعاتي 5 مهينن ۾ موجوده حڪومت کان وڌيڪ مهانگائي ڪئي وئي هئي، عوام کي سڪون فراهم ڪرڻ ئي تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي.