خميس 21 مارچ 2019ء

رڳو آءِ ايم ايف تي نٿا ڀاڙيون، متبادل انتظام ڪري ڇڏيو آهي: وفاقي وزير اسد عمر

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته رڳو آءِ ايم ايف تي نٿا ڀاڙيون، جيڪڏهن پيڪيج نه مليو ته متبادل انتظام ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان غير رستي گفتگو ڪندي اسد عمر چيو ته معاشي ترقي لاءِ هم فيصلا ڪري رهيا آهيون، ادائيگين ۽ ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ گيپ پورو ڪري ورتو آهي، اسان جو سڄو دارومدار آءِ ايم ايف تي ناهي، آءِ ايم ايف معيشت ۾ بهتري لاءِ رڳو هڪ آپشن آهي، آءِ ايم ايف ڪو غير معاشي شرط ناهي رکيو، انهن سان ڳالهيون اڃا هلندڙ آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان جيئن ئي سٺو پروگرام فائنل ٿيو ته معاهدو ڪري ڇڏينداسين پر متبادل ذريعن سان به فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، سعودي عرب ۽ ايو اي اي جي قرض تي ڪو شرط ناهي، ٻنهي ملڪن جي قرض سان ملندڙ قرض تي سود ادا ٿيندو. سندس چوڻ هو ته بجلي ۽ گئس جو اگهه رڳو اميرن لاءِ وڌايو آهي، جولاءِ کان ڊسمبر 2018 تائين نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ 65 سيڪڙو رڪارڊ اضافو ٿيو، جڏهن ته گذريل سال مجموعي طور نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي 21 سيڪڙو وڌي. اسد عمر چيو ته ضمني فنانس بل ۾ سيڙپڪاري، ڪاروبار ۾ سولائي لاءِ قدم تجويز ڪيا ويندا.