اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

اصغر خان ڪيس بند نه ٿيڻ گهرجي، وارثن سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: مرحوم اصغر خان جي وارثن سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي درخواست ڪئي آهي ته اصغر خان ڪيس بند ٿيڻ نه گهرجي. اصغر خان جي وارثن پاران ان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو. اصغر خان جي گهر واري، پٽ علي اصغر، نسرين خٽڪ ۽ شيرين اعواڻ گڏيل جواب ۾ چيو آهي ته ايف آءِ اي پاران اصغر خان ڪيس جي جاچ ختم ڪرڻ جي سفارش کي رد ڪريون ٿا. اصغر خان جي وارثن چيو ته اصغر خان ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي جاچ ختم ٿيڻ نه گهرجي، اصغر خان جو ڪٽنب ڪيس جو آخري انجام چاهي ٿو. وارثن پنهنجي جواب ۾ اپيل ڪئي ته ڪيس جي ٽرائل کانپوءِ ايندڙ نتيجو پاڪستان جي عوام آڏو رکيو وڃي.