خميس 21 مارچ 2019ء

گئس بحران: وزير اعظم عمران خان پيٽروليم وزارت کي فوري جامع پاليسي ٺاهڻ ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان ملڪ ۾ جاري گئس بحران تي قابو پائڻ لاءِ پيٽروليم واري وزارت کي فوري جامع پاليسي ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏيو آهي، وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ وڏي اڪثريت گئس کان مهروم آهي، جنهن جي وجهه سپلاءِ جي گهٽتائي آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ 28 سيڪڙو عوام کي موجوده سسٽم مان عام گئس فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهنت ه 63 سيڪڙو عوام ايل پي جي استعمالڪ ري رهيو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت هر سال 50 ارب رپين جي گئس چوري کي منهن ڏئي رهي آهي.