آچر 21 اپریل 2019ء

سنڌ جو ناميارو اداڪار گلاب چانڊيو ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: سنڌ جو ناميارو اداڪار گلاب چانڊيو ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اداڪار گلاب چانڊيو ڪجهه عرصي کان بيماري سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي اڄ هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. گلاب چانڊيو نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ شهمير چانڊيو ۾ جنم ورتو، هن جوانيءَ ۾ ئي اداڪاري شروع ڪئي، جڏهن ته هن سنڌي، اردو ڊرامن ۽ فلمن ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. گلاب چانڊيو سوڳوارن ۾ هڪ بيواهه، 2 پٽ ۽ 3 نياڻيون ڇڏيون آهن. سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌڻ کانپوءِ مداحن ۾ سوڳ ڇانئجي ويو آهي. گلاب چانڊيو جا گهر ڀاتي سندس لاش کڻڻ لاءِ ڪراچي جي اسپتال پهچي ويا آهن. سندس لاش اباڻي ڳوٺ شهمير چانڊيو آندو ويندو، جتي کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.