آچر 21 اپریل 2019ء

ويرات ڪوهلي انوشڪار سان خوشگوار شادي شدا زندگي جو راز ٻڌائي ڇڏيو

دلي: بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ڪپتان ويرات ڪوهلي جي شادي کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي ۽ ٻئي خوشگوار زندگي گذاري رهيا آهن. ويرات ڪوهلي هن وقت انوشڪا شرما سان گڏ نيوزيلينڊ ۾ موجود آهي جتي ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ سيريز جاري آهي. انوشڪا ۽ ويرات جي جوڙي جا مداح صرف ڀارت ۾ ئي نه پر ٻين ملڪن ۾ به موجود آهن اهو ئي سبب آهي جو ٻئي هر جاءِ تي سڀني جي توجهه جو مرڪز رهندا آهن اهڙي ۾ ويرات ڪوهلي هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي خوشگوار شادي شدا زندگي جو راز شيئر ڪيو آهي. ويرات ڪوهلي پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته مان ۽ منهنجي گهرواري ٻئي عام شيون ڪندا آهيون جهڙوڪ ڪڏهن واڪ لاءِ نڪري ويندا آهيون يا ڪنهن خوبصورت جاءِ جو دورو ڪندا آهيون، گذريل رات اسان ٻئي مرين پريڊ ۾ هئاسين جتي اسان فل مون انجوائي ڪيو، اسان اتي بينچرز تي ويٺاسين ۽ ڳالهيون ڪيون. هن جو چوڻ هو ته اصل ۾ تمام ساديون شيون اسان جي تفريح جو ذريعو بڻجنديون آهن ڇو ته اسان ٻئي مداحن جي نظرن ۾ رهندا آهيون ۽ اسان هميشه ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪندا آهيون ته اسان جي ترجيح رهندي آهي ته اسان انهن سڀني شين کان پر وڃون ۽ اهڙين جاين تي وڃون جتي اسان کي مڪمل طور تي سڃاتو نه وڃي ۽ اسان اڻڄاڻ هجون.