خميس 21 فيبروری 2019ء

ٻيون ٽي ٽوئنٽي: ويسٽ انڊيز وومين ٽيم پاڪستان کي سپر اوور شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي: ويسٽ انڊيز وومين ڪرڪيٽ ٽيم ٻئين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان وومين ٽيم کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ويسٽ انڊيز کي 132 رنسن جو هدف ڏنو. پاڪستان پاران بسما معروف 31 ۽ جويريا خان 26 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته ندا ڊار ۽ عاليا رياض 25 ۽ 23 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيون. ان کانپوءِ ويسٽ انڊيز مقرر 20 اوورن ۾ 132 رنسون ٺاهيون، اهڙي ريت مئچ ٽاءِ ٿي وئي، جنهن جو فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو ۽ ويسٽ انڊيز پاڪستان کي هارائي ڇڏيو.