خميس 21 فيبروری 2019ء

گورنر سنڌ پاران هر سال برياني فيسٽيول منقعد ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چانورن جي ايڪسپورٽرن لاءِ گورنر هائوس جا دروازا کوليندي هر سال برياني فيسٽيول ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي. رائيس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد جي دوري جي موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته حڪومت آبادگارن، صنعتن ۽ ايڪسپورٽ جي شعبن کي اڳيان وڌائڻ چاهي ٿي. سنڌ جي گورنر رائيس ايڪسپورٽرز پاران گورنر هائوس ۾ برياني فيسٽيول ملهائڻ جي درخواست مڃيندي چيو ته برياني فيسٽيول هر سال ملهايو ويندو.